پيرزادو شاهه محمد

پيرزادو شاهه محمد

پيرزادو شاهه محمد

پيرزادو شاهه محمد: نئين ٽهيءَ جي شاعر، شاهه محمد پيرزادي ولد امام بخش پيرزادي، 31 جنوري 1961ع تي ڳوٺ ٻلهڙيجي (لڳ موهن جو دڙو) ۾ جنم ورتو. هي نامور اديب انور پيرزادي جو سڳو ڀائيٽو آهي. هن جي تعليم بي. ايس. سي آهي ۽ هن وقت هڪ دوائن جي خانگي ڪاروباري ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل آهي. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’اسٽوپا سنڌو ۽ چنڊ‘ (ملڪه پيرزاديءَ ۽ فيض پيرزادي سان گڏ: 1995ع)، (2) ’سونهن جون سَوَ صورتون‘ (2003ع) شامل آهن. ان کان سواءِ هن جو احمد سليم سان گڏ سنڌي ڪهاڻين جو ترجمو ’سارا مُلڪ منصور‘ (1987ع) به ڇپيل آهي. گڏوگڏ هن جا اردوءَ جي مشهور اديب آصف فرخيءَ سان گڏ شيخ اياز بابت اردوءَ ۾ ٻه ڪتاب: ’دانش اياز‘ (اياز جي شاعري، ترجمو ۽ ترتيب: 1998ع) ۽ ’ذڪر اياز‘ (ترجمو، تاثرات ۽ مضمون) ۽ هڪ ڪتاب، اياز جي شاعريءَ جو انگريزي ترجمو ‘The Storms Call for Prayers’ (1999ع) به ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو